نعت شريف 

اگر چي غريب آ ھيون وڏا خوش نصيب آهيون 

اسان جي رسول جھڙو نہ ڪنھن جو رسول آ


ڀلي آ يو محمد اسان  تنھنجي ڀاڳ م 

گنھگار ڪل ڪيائين وٺي پنھنجي واڳ م

 ڪيا ڌڻ ڌنار ڌڻڪا نوازيئين اچي نڌڻڪا 

ڪنا حال ھا تڏ ڀي ڪيو تنھن قبول آ


چڳن سان چڱايون آخر ڪندو ھر انسان آ 

مگر بيوڙن سان وڙ ھي محمد جو شان آ 

ڏوھارين جا ڏوھ ڌوئڻ رڳو رات ڏينھن روئڻ

 اصل کان اسان جي نبي جو اصول آ 


سڀن کي سنڀاري محبوب سيني شريف ۾

گھري خير جون دعائون مديني شريف 

سڄڻ اڻ ڏٺي جي صدقي محمد مٺي جي صدقي 

الاھي عذاب ڪنھن تي نہ ٿيڻو  نزول آ 


پسند جن کي ناھي  تن کان  پرين پر ڀرو آ 

اسان کي تہ عربي ۾ ھي پڪو آ سرو آ 

ثنا گر ثنا پڙھن ٿا ملا ڪنڌ ٿلھا سڙن ٿا 

ٻڌي منھنجو شعير ڪنھن ڪنھن ڪيو ٻوٿ ڍول آ 


اسم عرش ٿس احمد محمد زمين تي 

رکيا رب نوا نوي نالا محمد امين تي 

ادب ڪر تہ عيب ڇڻني اسم عاشقن۾ ڳڻني 

بنا عشق جي مھيسر عبادت فضول آ