Jaan ghore deh dory Sindhi naat Lyrics In Sindhi

 سنڌي نعت شريف 

جان گھوري ڏيھ ڏوري ڏاڍي ھوري ھلبو 

پنڌ پري نيٺ ڪري مدني سان ملبو 

****

ھت ڇاھي ھل ڪاھي سانگا لاھي سر جا 

ڪم سولا ڪندو مولا ڏک رولا بر جا 

ديس ڇڏي ھل لڏي ماڻھون گڏي گھر جا 

جنھن سان ھاڻي رب سائين ڀلا ڪئين سو  ڀلبو

****

ڇڏ سواري ڪر تياري آ بھاري پنڌ م 

ھل سخي حب رکي رڳ رڳ ء سنڌ م 

ساٿ ڏيندو نہ ڇڏيندو ڪنھن اوکي ھنڌ م 

ڏور ڏونگر ٿي صابر اچي رھبر رلبو

****

ٿي فدائي ڪر گدائي ھي جدائي گھوري 

ٻڌ توڪل صاف ڪر دل آ ھي منزل ٿوري 

رک تنھنجي  تنھن پرين جي لؤن لؤن م لولي 

سور سارو در د وارو ھلي آ ڏو سلبو

 ****

آھيان اھڙي کڻي ڪھڙي جھڙي تھڙي تن جي 

حال ڀيٽي شال ميٽي مونجھ منھنجي من جي 

آ ئون ديواني مستاني آھيان  ٻانھي تن جي 

جڏھن بخشن ڪا نظر ڪن تيسين روح نہ پلبو 

****

حاجي ھاڻي رب ڄاڻي سور نوان سنبرن 

پور پون اکيون روئن ڏينھن جئين ٿا گذرن 

اي مھيسر دوست جا در اڃا نہ ٿا وسرن 

ساھ ساري سڪ واري الھي ڪڏهن کلبو