![]() |
نعت شريف
اگر چي غريب آ ھيون وڏا خوش نصيب آهيون
اسان جي رسول جھڙو نہ ڪنھن جو رسول آ
ڀلي آ يو محمد اسان تنھنجي ڀاڳ م
گنھگار ڪل ڪيائين وٺي پنھنجي واڳ م
ڪيا ڌڻ ڌنار ڌڻڪا نوازيئين اچي نڌڻڪا
ڪنا حال ھا تڏ ڀي ڪيو تنھن قبول آ
چڳن سان چڱايون آخر ڪندو ھر انسان آ
مگر بيوڙن سان وڙ ھي محمد جو شان آ
ڏوھارين جا ڏوھ ڌوئڻ رڳو رات ڏينھن روئڻ
اصل کان اسان جي نبي جو اصول آ
سڀن کي سنڀاري محبوب سيني شريف ۾
گھري خير جون دعائون مديني شريف
سڄڻ اڻ ڏٺي جي صدقي محمد مٺي جي صدقي
الاھي عذاب ڪنھن تي نہ ٿيڻو نزول آ
پسند جن کي ناھي تن کان پرين پر ڀرو آ
اسان کي تہ عربي ۾ ھي پڪو آ سرو آ
ثنا گر ثنا پڙھن ٿا ملا ڪنڌ ٿلھا سڙن ٿا
ٻڌي منھنجو شعير ڪنھن ڪنھن ڪيو ٻوٿ ڍول آ
اسم عرش ٿس احمد محمد زمين تي
رکيا رب نوا نوي نالا محمد امين تي
ادب ڪر تہ عيب ڇڻني اسم عاشقن۾ ڳڻني
بنا عشق جي مھيسر عبادت فضول آ
.jpeg)

0 Comments