Wah munhje malk Jo Ghar 

lyrics hamd  sharif in sandhi writing


حمد باري تعالي 


واھ منھنجي مالڪ جو گھر بيت الله آ

ساري دنيا ٿي ڍري پاڻ ڏنائين قبلو ڪري


دنيا م ٻيو گھر ڪونہ ھو اول الله ھي گھر رکيو
 
طواف سان ٻيڙي تري پاڻ ڏنائين قبلو ڪري


آدم سھڻي تي ٿيو ڪرم سھڻو مليو ان کي حرم 

سڪ وارن جي نہ ٿي سري پاڻ ڏنائين قبلو ڪري 


چئني طرفن کان اچن دل سان ٿا جي ديدار ڪن
 
وڃن ٿا جهوليون ڀري پاڻ ڏنائين قبلو ڪري

 
رڪن يماني ء حجراسود آپيارو پٿر 
ٿجي نہ تن کان پل پري پاڻ ڏنائين قبلو ڪري


مقام ابراھيم آ ھتي پيارو حطيم آ 
شمع عشق جي ٿي  ٻري پاڻ ڏنائين قبلو ڪري


ادريس جي آ التجا مولا ڏسان مرو صفا

دل ٿي اھي دعائون گھري پاڻ ڏنائين قبلو ڪري